الهه آباد

الهه آباد: هن ڦٽل شهر جا آثار ”کڙ“ نالي ڳوٺ ڀرسان دولت پور صفن کان اتر ۾ ٻن ميلن جي فاصلي تي آهن. ميان محمد مرادياب خان ڪلهوڙي کي جڏهن حڪومت جو پروانو مليو ته هن نصرپور لڳ درياهه جي ٻئي ڪناري تي خيما کوڙيا هئا ۽ اتي جلوس (تخت نشيءَ) جي رسم ادا ڪئي هئائين، انهي هنڌ ميان صاحب پنهنجي نالي سان هڪ شهر آباد ڪري، ان جو نالو ’مراد آباد‘ رکيو . ڪجهه عرصي بعد ٻوڏ سبب اهو شهر تباهه ٿي ويو. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ’محمد آباد‘ جي ڀرسان هڪ نئون شهر ’الهه آباد‘ جي نالي سان آباد ڪيو، اڳتي هلي ميان غلام شاهه شهر جو نالو ’الهه آباد‘ مان ڦيرائي ’شاهپور‘ رکيو. شهر ننڍو هجڻ سبب گهڻي عرصي تائين حڪومت جو مرڪز نه رهيو ۽ جلد ان کي ترڪ ڪري هڪ نئون شهر ’حيدرآباد‘ جي نالي سان آباد ڪيو ويو. شاهپور هن وقت هڪ معمولي ڳوٺ آهي. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي شاهپور نالي هڪ ٻيو به شهر آباد ڪرايو هو.


لفظ الهه آبادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو